دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) برطانوي ٽينس اسٽار ايما راڊوڪانو کي ميچ دوران گھورڻ ۽ پٺيان لڳڻ واري شخص کي دبئي پوليس گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايما جي ڪوچ ٻڌايو ته گرفتار همراهه ٽينس اسٽار جو چار مختلف ملڪن ۾ پٺيان لڳل رهيو. هن چيو ته شروعات ۾ سمجهيوسين ته هو رڳو مداح آهي، پر هوريان هوريان اهو شخص عورت رانديگر جي ويجهو اچڻ لڳو، سيلفيون ڪڍيون ۽ سيڪيورٽي گارڊ نه هجڻ جو فائدو وٺي نوجوان رانديگر کي ڀاڪر پاتو.
ڪوچ وڌيڪ ٻڌايو ته دبئي ۾ ميچ دوران جڏهن ايما راڊوڪانو ان همراهه کي ڏٺو ته هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ٽينس اسٽار امپائر کي شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هراسان ڪندڙ شخص خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.