برسبن (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جو چوٿون ڏينهن به برسات جي نالي رهيو، وقفي وقفي سان راند متاثر ٿيندي رهي، آسٽريليا طرفان پهرين اننگ ۾ ٺاهيل 445 رنسن جي جواب ۾ ڀارت جي ٽيم چوٿين ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 252 رنسون ٺاهي ورتيون، جسپريت بمرا 10 ۽ آڪاش ديپ 27 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا، آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز 4، مچل اسٽارڪ 3، جوش هيزل ووڊ ۽ نيٿن ليون هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، ڀارت طرفان رڳو ڪي ايل راهول 84 ۽ رويندرا جديجا 77 رنسون ٺاهي مزاحمت ڪئي، ٻيو ڪو به رانديگر ڄمي کيڏي نه سگهيو، ان کان اڳ پهرين اننگ ۾ آسٽريليا 445 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ٽريوس هيڊ 152، اسٽيون سمٿ 101 ۽ ايلڪس ڪيري 70 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته ڀارت طرفان جسپريت بمرا 6، محمد سراج 2، آڪاش ديپ ۽ نتيش ڪمار ريڊي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.