ڪراچي( رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاھه  پاران آبپاشي کاتي ۽ ڊويزنل انتظاميا کي برساتي ۽ دريائي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جو حڪم، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾   چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز بريفنگ ڏيندي  چيو ته برساتن جو ھاڻوڪو سلسلو 6 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو. جڏهن ته 13 ۽ 14 آگسٽ تي برساتن جو ٻيو سلسلو شروع ٿيندو، 18 کان 21 آگسٽ تي به هلڪي کان تيز برسات جو امڪان آهي، هيل آگسٽ ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيپٽمبر ۾ به معمول کان وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي. چوماسيءَ جو سلسلو 15 کان 20 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو اجلاس کي ٻڌايو ته گڊو بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال ناهي،بلوچستان جي جابلو پٽي کان برساتي پاڻي اڃا تائين سنڌ ۾ داخل ناهي ٿيو، حمل ڍنڍ جي سطح معمول واري آهي،  منڇر ڍنڍ ۾ صرف 4 پوائنٽ پاڻي جو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته دادو_مورو پُل وٽ 120 آر ايل پاڻي موجود آهي، جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آبپاشي اختيارين کي هدايت ڪئي ته منڇر ۽ حمل ڍنڍن جي نگراني ڪئي وڃي. منڇر ۾ جيئن ئي پاڻي وڌي ته اهو درياءِ ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي،  وڏي وزير ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته ڀان سيدآباد ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ساڳئي ريت جوهي مان  به پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، وڏي وزير سمورن ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن ڊويزنن ۾ برساتي پاڻي ۽ سيلابي صورتحال تي نظر رکن، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته ڪراچي ۾207 هيٺاهين وارا علائقا آهن، ڏکڻ ضلعي ۾ 56، اولهه ۾ 17، سينٽرل ۾ 22، ملير ۾ 32، ڪورنگي ۾ 16، ڪياماڙيءَ ۾ 26 ۽ اوڀر ۾ 38 هيٺاهين وارا علائقا آهن. هن ٻڌايو ته ٽاور، گورنر هائوس، نرسري، اسٽار گيٽ، جناح ٽرمينل، ڪي ڊي اي چورنگي، ڪي ايم سي هيڊ ڪوارٽر ۽ لياقت آباد ۾ ڊي واٽرنگ مشينن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.