برساتي ٻوڏ جا راڱا ۽ ان جا منفي اثر

0
82
برساتي ٻوڏ جا راڱا ۽ ان جا منفي اثر

 “ابو هتي اسان جو ڳوٺ هو جيڪو برساتي ٻوڏ ۾ لڙهي ويو آهي، هاڻي رڳو اسڪول جي عمارت جا آثار وڃي بچيا آهن.”اهي لفظ بلوچستان جي ٻيلي ڳوٺ جي رهواسي تاج محمد گدور اخباري نمائندن کي چيا، جيڪي ڪراچي جي هڪ غيرسرڪاري تنظيم طرفان فوج جي نگراني ۾ برسات متاثرن ۾ سامان ورهائڻ واري ڪارروائي رپورٽ ڪرڻ لاءِ اتي موجود هئا. تاج محمد گدور ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ۾ 35 گهر هئا، جيڪي 25 آگسٽ تي ڀرسان وهندڙ برساتي ندي ۾ آيل اوچتي وهڪري ۾ لڙهي ويا ۽ هوءَ هاڻي بنا ڇت جي کلي آسمان هيٺ اچي ويا آهن. صحافين جي سامهون هڪ 7،8 سالن جي ڇوڪريءَ پنهنجي پيءُ کي اهو چوندي ٻڌي وئي ته بابا منهنجو اسڪول ڪيڏانهن ويو، اسان ڪنهن ٻي هنڌ اچي ويا آهيون ڇا؟ اهي منظر نه صرف بلوچستان ۾ پر سنڌ ۾ پڻ نظر آيا. سنڌ ۾ حمل ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ جو فاصلو 100 ڪلو ميٽر آهي، اهو سڄو علائقو برساتي ٻوڏ جي ڪري هڪ ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. انهيءَ 100 ڪلو ميٽر علائقي ۾ تمام واهڻ، وسنديون ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن ۽ اتان جا مڪين پنھنجو مال، متاع، آبادي، گهر گهاٽ پاڻي حوالي ڪري پنهنجي جان بچائي ڪنهن اوچي مقام، نالين، واهن، رستن ۽ درياھه جي بندن تي کلي آسمان هيٺ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري تنظيمن جي امداد جي اميد تي ويٺا آهن.  ڇا اها آسماني آفت آهي يا اسان ان کي آفت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهي برساتون معمولي توڙي غيرمعمولي، دريائن جو اٿلڻ هڪ قدرتي طريقي ڪار آهي، جنهن مطابق ڪن سببن جي ڪري ڪٿي ٻوڏ ته وري ڪٿي سوڪ نظر ايندي آهي. پر اسانجي انتظامي نااهلي جي ڪري اهي آفت ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. اسان وٽ ويجھي ماضي ۾ 2010ع، 2011ع،2015ع جا سال اهڙا ڳڻي سگهجن ٿا، جن ۾ ٻوڏون آيون آهن. انهن مان 2010ع ۾ صرف دريائي ٻوڏ ڪري سکر ۽ گڊو بئراج جي وچ ۾ ساڄي پاسي قادر پور بند ۾ ۽ ٺٽي ضلعي جي ساڄي پاسي واري بگھاڙ اوچتو بند ۽ کاٻي پاسي مولچند شاهبندر بند ۾ گھارا پيا. انهن گھارن جي ڪري سنڌ جو ڪجهه حصو متاثر ٿيو. 2011ع ۾ برساتي ٻوڏ جي ڪري نوابشاھه، سانگھڙ، ميرپورخاص، بدين ضلعا متاثر ٿيا ۽ اتان ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي، باقي رهيل سنڌ ۾ برسات جي ڪري فصل ته متاثر ٿيا، پر لڏ پلاڻ نه ٿي. 2015ع ۾ وري دريائي ٻوڏ جي ڪري ڪچي واري ايراضي ۾ پوکيل فصل متاثر ٿيا ۽ اتان ماڻهو لڏي ٻاهر پڪي جي طرف اچي ويا. 2022ع ۾ ته جتي برساتي  ٻوڏ آئي، اتي سنڌودرياھه ۾ پڻ ٻوڏ آئي. انهي ڪري سڄي سنڌ، سواءِ ڪراچي جي متاثر ٿي. خاص ڪري شهداد ڪوٽ، قمبر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشورو ضلعو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جتي 100 ڪلو ميٽر ڊيگھه ۾ ڍنڍ ٺهي وئي آهي. اهي علائقا 2010ع ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا هئا. انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت تي اها ڳالھه ٺهڪي اچي ٿي ته “روم سڙندو رهيو ۽ نيرو بانسري وڄائيندو رهيو” 12 سالن ۾ نه مرڪزي سرڪار کي ايترو وقت مليو جو هو بلوچستان کان ايندڙ غيرمعمولي برساتي پاڻي کي گھٽ ۾گھٽ نقصان پهچائڻ سان نيڪال ڪرڻ جو سوچي، يا اهي پاڻي جا بند ٿيل قدرتي لنگھه کولرائي ۽ نه ئي وري سنڌ سرڪار انهيءَ تي سوچڻ جي زحمت گوارا ڪئي. هونئن ته ٻوڏ يا قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ سرڪار جي ذميداري آهي، پر خاص ڪري ٽن ڳالهين جي سرڪار تي وڌيڪ ذميداري عائد ٿئي ٿي. پهريون اهڙي آفت جو عوام کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ، ٻيو انهيءَ آفت کان ماڻهن کي بچائڻ ۽ انهن کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچائڻ ۽ سار سنڀال ڪرڻ ۽ ٽيون ماڻهن جي ٻيهر آباد ڪاري. انهيءَ کي مختصر ٽن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو يعني اڳواٽ اطلاع ، انخلا ۽ ٻيهر آباد ڪاري. موجودهه صورتحال ۾ سرڪار ماڻهن کي محڪمه موسميات جي معرفت اها چتاوني ڏني ته هن سال سانوڻي مينهن معمول کان وڌيڪ ۽ زوردار هوندا، جيستائين انخلا جو تعلق آهي ته ٿي سگهي ٿو ته سرڪار ڪجهه علائقن ۾ حرڪت ۾ آئي هجي، پر سوشل ميڊيا اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن ويا آهن. انهيءَ لاءِ هڪ ٻه مثال هت دهرايان ٿو. خيرپور ناٿن شاهه جي ويجهو پريا ذات جو 250 کن گهرن تي مشتمل ڳوٺ آهي جيڪو برساتي ٻوڏ هيٺ اچي ويو ۽ اتان جو هڪ معزز شخص علي گوهر پريو سوشل ميڊيا تي وڊيو رکي، جنهن ۾ هوءَ کٽ کي ٻيڙي ٺاهي، ان ذريعي ڳوٺ مان نڪري رهيو آهي. ٽيلويزن جي دنيا جو مشهور صحافي حامد مير، جڏهن ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ آيو ته هن پڻ اهڙا منظر ڏيکاريا.

ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته محڪمه موسميات جي چتاوني کانپوءِ سرڪاري ادارن، يعني نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي، پراونشل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي، ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي، آبپاشي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي ايندڙ ممڪنه ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻ کپندي هئي، پر هو انهيءَ اصول تي ڪاربند رهيا ته وقت اچڻ تي ڏٺو ويندو. جڏهن وقت آيو ته هنن هٿ مٿي کڻي ڇڏيا. ثبوت طور ٺٽي ضلعي ۾ ٿيل انتظامن جي هڪ جهلڪ ڏيکارڻ چاهيان ٿو. ضلعي جي ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي يعني ضلعي انتظاميا تياري نه هئڻ ڪرڻ هاڻي اها ٻوڏ متاثرين کي ترڪي ڪالوني ۾ رهائڻ جي ڪوشش ڪري آهي. ياد رهي ته 2010ع جي ٻوڏ جي متاثرن لاءِ ترڪي حڪومت  ٺٽي شهر کي ويجهو 2200 گهرن تي مشتمل هڪ ڪالوني ٺهرائي ڏني هئي. جيڪا پوءِ سنڌ حڪومت سجاول ۽ ٺٽي ضلعن جي ٻوڏ متاثرن کي ڏئي ڇڏي. انهيءَ ڪالوني ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري ڪجهه ماڻهو اتي اڃا نه آيا آهن ۽ هاڻي ضلعي انتظاميا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي معرفت انهن بند پيل ڪوارٽرن جا تالا ٽوڙي ٻوڏ متاثرين کي ان ۾ رهايو پيو وڃي. جيڪو اخلاقن ۽ قانونن، جائز نه آهي. پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ  چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا اسڪول بند ڪري انهن ۾ متاثرين جون ڪئمپون قائم ڪيون پيون وڃن. سرڪار جي عوام سان اختيار ڪيل اڻ سهائيندڙ رويي جو مثال هتي دهرايان ٿو. سنڌ ۾ مليريا  کاتي جي تحقيق مطابق ٺٽي ضلعي ۾ مليريا تمام گهڻي آهي، انهيءَ ڪري ٻوڏ متاثرين کي مليريا کان بچائڻ لاءِ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ ٻين غير سرڪاري تنظيمن  ٺٽي ضلعي ۾ پنج لک مڇردانيون ورهائڻ جو افتتاح مرڪزي وزير عبدالقادر پٽيل کان ڪرايو، پر اهي مڇر دانيون ايئن گم ٿي ويون جيئن ڳئون جا مٿيان ڏند. تازو ٻوڏ کان پوءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان آيو هو ۽ هن جا اهي لفظ ته “پاڪستان سرڪار موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به احتياطي اپاءَ نه ورتا آهن،” پاڪستان سرڪار جي ڪارڪردگي تي بدنما داغ آھي. جيستائين سنڌ آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي جو تعلق آهي ته ان تي کاتي جي اڳوڻن ٻن سيڪريٽرين خالد حيدر ميمڻ ۽ بابر حسين آفندي ۽ ارسا جي اڳوڻي چيئرمين سيد مظهرعلي شاهه بداعتمادي جو اظهار ڪيو آهي.

2010ع جي ٻوڏ ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ هڪ فرق واضح نظر اچي پيو. 2010ع جي ٻوڏ جي موقعي تي سرڪار سان گڏ غيرسرڪاري تنظيمن، رضا ڪار تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن امدادي ڪمن ۾ وڏي پيماني تي حصو ورتو. مذهبي جماعتن امدادي ڪمن سان گڏوگڏ سنڌ جي شهرن توڙي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ مدرسا پڻ قائم ڪيا. جيئن ته مذهبي جماعتن کي سنڌ مان 2010ع کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪا خاص موٽ نه ملي آهي، انهيءَ ڪري اهي هن دفعي ايترو فعال نه آهن، پر هنن پنهنجي ڊگهي مدي واري سياسي سيڙپڪاري ڪري ڇڏي آهي، اهو وقت پري نه آهي جو خيبرپختوانخوا وانگر سنڌ ۾ به مذهبي جماعتون حڪومتي ڌر هونديون. هن دفعي سرڪار جي مدد لاءِ غير سرڪاري تنظيمون خبر نه آھي ڇو اڳتي نه پيو اچن.

هن وقت صورت حال اها آهي جو بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختوانخوا صوبن جي حدن مان گهڻو ڪري پاڻي يا ته نڪري ويو آهي، يا ٿوري مقدار ۾ موجود آهي، جڏهن ته سنڌ سڄي پاڻي هيٺ آهي. انهيءَ جو سبب زمين جي سلامي آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختوانخوا ۾ زمين جي سلامي پنج هزار ۾ هڪ فوٽ آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڏهه هزار فوٽن ۾ هڪ فوٽ آهي. وري انهن صوبن جو پاڻي گهڻو ڪري سنڌ ۾ اچي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌ مان پاڻي ڪڍڻ  لاءِ هنگامي بنيادن تي انتظام ڪرڻا پوندا. سنڌ حڪومت مٿي ذڪر ڪيل پهرين ٻنهي ذميدارين ۾ ناڪام وئي آهي ۽ هاڻي به وقت نه ويو آهي، ماڻهن جي ٻيهر بحالي لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ ان جا سنڌ جي سياست ۽ معيشت تي منفي اثر پوندا. جيئن ته سنڌ جي معيشت جو دارو مدار زراعت تي آهي ۽ ٻوڏ ڪري خريف جو فصل تباهه ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ربيع جو فصل به نه ٿي سگهيو ته سنڌ ڏڪار ۽ لاقانونيت واري صورت حال ڏانهن وڌندڙ نظر اچي ٿي. تاريخ تي نظر وجهڻ سان اها ڳالهه نظر اچي ٿي ته جڏهن به ڪا لڏپلاڻ ٿي آهي ته ماڻهن وڏن شهرن جو رخ ڪيو آهي ۽ خاص ڪري جتي ڪو بندرگاهه يا ڪارخانا گهڻي تعداد ۾ هجن. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي ڪري اتان لڏيل ماڻهو ڪراچي آيا. افغانستان ۾ روس جي قبضي ڪري اتان لڏيل ماڻهو پڻ ڪراچي آيا ۽ اتي ويهي رهيا. اترين علائقن ۾ مذهبي انتها پسندن جي خلاف فوجي ڪارروائي ۾ پڻ جيڪي ماڻهو اتان نڪتا، انهن پڻ ڪراچي کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو ٺاهيو. انهيءَ اٿل پٿل جي ڪري سنڌ جي سياست ۽ ڊيموگرافي تي وڏو اثر پيو. هن وقت سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي ۽ اتي روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا آهن، انهيءَ ڪري متاثر وڏن شهرن ڏانهن رخ ڪري سگهن ٿا. ڪنهن  به اهڙي هنگامي صورت حال ۾ عوام جي صحيح پوئواري نه ڪرڻ، وقتي اقتداري ڌر لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيو آهي، مثال طور 1971ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن دوران اوڀر پاڪستان ۾ طوفان آيو، جنهن اوڀر پاڪستان ۾ هنگامي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. انهيءَ تڪليف جي وقت ۾ مرڪزي حڪومت ۽ اولهندي حصي جي مڙني صوبن طرفان اوڀر پاڪستان جي عوام جي گهربل مدد نه ڪرڻ جي ڪري، اتان جي عوام اليڪشن ۾ شيخ مجيب جي عوامي ليگ کانسواءِ ٻي ڪنهن به پارٽي کي ووٽ نه ڏنو. تاريخدانن جي نظر ۾ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ آيل طوفان ڪري سوچ کان وڌيڪ نقصان ٿيڻ ۽ اولهه پاڪستان جي سياستدانن جي بي رخي، گڏيل پاڪستان جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هنيو. 1970ع ۾ آمريڪا جي نيويارڪ ۽ پينسلوانا رياستن ۾ سامونڊي طوفان آيو. ان وقت جي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن فوري طور تي اپاءُ وٺي طوفان ۾ آيل تباهي کي منهن ڏنو، نتيجي طور اهي ٻئي رياستون جيڪي 1960ع کان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جون ڳڙهه هيون،اهي ريپيلڪن پارٽي جي نامزد اميدوار نڪسن کي 1972ع جي چونڊ ۾ ٻيهر صدر چونڊجڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون. 2005ع ۾ آمريڪا جي رياست لوسينيا جي شهر نيواورلينس ۾ سامونڊي طوفان آيو. لوسينيا رياست ريپبلڪ پارٽي جو ڳڙهه هئڻ باوجود نيواولينس شهر ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ڳڙهه هو. انهيءَ ڪري صدر بش ان طرف ٿڌو رويو رکيو. انهيءَ ڪري بش جي خلاف ڊيموڪريٽڪ پارٽي وارن اها مهم هلائي ته جيئن ته نيواولينس ۾ اڪثريت شيدين جي آهي ۽ اهي ريپبليڪن پارٽي کي ووٽ نه ڏيندا آهن، انهيءَ ڪري صدر بش متاثرين جي گهربل مدد نه ڪري رهيو آهي. انهيءَ پروپيگنڊا جي نتيجي ۾ بش جي لوسينيا رياست ۾ مقبوليت گهٽجي وئي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي هن دفعي سنڌ جي ماڻهن جي گهربل مدد نه ڪئي ته 2023ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊون پيپلز پارٽي کي مهانگيون پئجي سگهن ٿيون.