لاهور(م ڊ) برساتون گهٽ پوڻ سبب ملڪ ۾ سوڪهڙو اچي ويو آهي. ڊيم ۽ جر جو پاڻي خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو آهي. راولپنڊي ۾ پاڻي 700 فٽ هيٺ هليو ويو آهي. جنهن ڪري اتي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايم ڊي واسا جو چوڻ آهي ته فيبروري ۽ مارچ ۾ برسات نه پئي ته پاڻي جو مسئلو سنگين ٿي ويندو. گهٽ برساتن سبب پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. فيصل آباد ۽ ڀرپاسي ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي. ٿرپارڪر ۾ به ٻن مهينن کان پيئڻ نهري پاڻي فراهم نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ماڻهو جر جو ٻاڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 18 ۽ 19 فيبروري تي اترين علائقن ۽ پوٺوهار ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. اڪثر علائقن ۾ مينهن نه وسندو.