ڪراچي : سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي تھ مون سون برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار جا سمورا ادارا متحرڪ آھن. پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ تمام گھڻا خطرا ھُئا، سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اُنھن مدرسن کي فنڊنگ ڪئي، جيڪي دھشتگردن جي تربيت ڪندا ھُئا،  پي ٽي آءِ دور ۾ جيلن مان دھشتگرد پنھنجن ساٿين کي  ڇڏائي ويا، بيرسٽر سيف جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي الزام ڪوڙ تي ٻڌل آھي، اسان جي اڳواڻ بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو، اسان خلاف اُنهي کان وڏي دھشتگردي  ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي،  ھن چيو تھ سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي جي اڏاوت تمام ضروري آھي، اُنهي رٿا  کي جلد تعمير ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ نارڪوٽڪس بل کي  قانون واري کاتو ڏسي رھيو آھي،  الحمدالله ريڊ لائين بي آر ٽي تي تيزي سان ڪم جاري آھي، مزدور ڏينھن رات  ڪم ڪري رھيا آھن، اميد آھي ته ھي منصوبو جلد مڪمل ٿي ويندو.