ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پاليسي ساز ادارن تي زور ڏنو آهي ته پوري صوبي سنڌ کي ايرڊ زون قرار ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه سالن دوران برساتن ۾ شديد گهٽتائي ۽ پاڻيءَ جي بحران سبب سنڌ ۾ سوڪھڙي ۽ ڏڪار جھڙي صورتحال پيدا ٿيل آھي، پلانٽ پروٽيڪشن سائنسز ڪانفرنس کانپوءِ ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جر جي پاڻي جي صورتحال تيزي سان خراب ٿي وئي آھي، جيڪا ڳڻتي جي ڳالھ آھي، هن چيو ته سنڌو درياھ جي پاڻي ۾ لڳاتار گهٽتائي ۽ مٺي پاڻيءَ وارن علائقن ۾ واٽر ڪورسز ۽ شاخن جي لائيننگ پڪي ڪرڻ سان به جر جي پاڻي جي ريچارجنگ کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب پاڻيءَ ۾ گدلاڻ ۽ لوڻيٺ وڌي رهي آهي، وائيس چانسلر چيو ته موسمي تبديليون هاڻي سنڌ جي در تي پھچي ويون آھن ۽ صوبو تيزيءَ سان مڪمل ريگستاني علائقو بڻجي رهيو آهي، هن خبردار ڪيو ته موسمي تبديلين  جا ناڪاري اثر اڳواٽ پڌرا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، خاص طور تي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ حساس ماحولياتي حالتن سبب مختلف جيوت جن ۾ ناياب پلو، مڇي ۽ سنڌو ڊولفن جا نسل خطري ھيٺ اچي ويا آھن، جنھن سان سنڌ جو حياتياتي وائيو منڊل ۽ خوراڪ جي سلامتي سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.