ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ ڪپهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي ڪپهه جي قيمت 500 رپيا گهٽتائي سان 16هزار 500 رپيا مڻ ٿي وئي آهي. ڪاٽن جنرز فورم جي چيئرمين احسان الحق جو چوڻ آهي ته برساتن جي ڪري وونئڻن کي نقصان جو انديشو آهي جنهن سان ڦٽي جي تند ۽ ڪڪڙن جو معيار ڪري پيو آهي جنهن سان وري اگهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڪڪڙن جي تيل ۽ آئل ڪيڪ جي قيمتن ۾ به 300 کان 400 رپيا مڻ گهٽتائي ٿي. هن چيو ته هيستائين جي برساتن سان وونئڻن کي ڪو نقصان نه ٿيو آهي.