سنڌ ۾ ٻن ڏينھن جي برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي. شھرن ۾ صورتحال اربن فلڊنگ ڏانھن ويندي محسوس ٿي رھي آھي، جيڪڏھن برسات جي لڳاتار اھا ئي صورتحال رھي ٿي تہ، شھري ٻوڏ سبب زندگي جي معمول کي نقصان پھچي سگھي ٿو. برساتن سبب جتي سڄي سنڌ ۾ بجلي جي بندش صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آھي، اتي پاڻي جي فراھمي متاثر ٿي آھي، جڏھن تہ ڊرينيج جا مسئلا وڌي ويا آھن. وڏن شھرن ۾ روڊن رستن تان پاڻي جي نڪاسي نہ ٿيڻ جي ڪري روڊ رستا تلائن جو منظر پيش ڪري رھيا آھن. برسات جتي عوام جي لاءِ آزار پيدا ڪيا آھن، اتي آبپاشي کاتي جي پت بہ وائکي ڪري وئي آھي. واھن جي کاٽي واري رقم تي ھر سال لڳندڙ کاٽ سبب کاٽي نہ ٿي سگھندي آھي، جنھن جي ڪري واھن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش گھٽجي وئي آھي ۽ بھتر ريگيوليشن نہ ٿيڻ ۽ آبپاشي کاتي جي نااھلي سبب واھن ۾ گھارا پئجي رھيا آھن، جنھن جو ھڪ مثال سنڌڙي جي ڦلھڏيون ويجھو دوسو شاخ کي 100 فوٽ گھارو پوڻ جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ ۽ ووئڻن جا فصل ٻڏي ويا آھن. لڳ ڀڳ اھا ئي صورتحال ٻين ھنڌن تي پڻ آھي.
سنڌ صوبي ۾ هن وقت جيڪي برساتون پون پيون، اهي موسمي تبديليءَ جي سخت اثرن جو سبب آهن، جيڪي نه رڳو زرعي ۽ معاشي نظام تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، پر شهري زندگي، بنيادي سهولتن ۽ انسانن جي بنيادي حقن لاءِ به سنجيده خطرو بڻجي ويون آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، بدين ۽ ٻيا ڪيترائي ضلعا وسڪاري جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جتي برسات جو پاڻي روڊن، مارڪيٽن، گھرن ۽ اسڪولن ۾ داخل ٿي ويو آهي. خاص طور تي ڪراچي جهڙي وڏي شھر ۾، جتي نڪاسيءَ جو نظام اڳ ئي ڪمزور آهي، اتي هر سال جيان ھن ڀيري به برساتن کان پوءِ شهري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. واهن ۽ شاخن ۾ گھارا ٿيڻ جي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. هتي جا مقامي ماڻهو، جيڪي زراعت تي دارومدار رکن ٿا، اڄ فاقا ڪشيءَ تي مجبور ٿي ويا آهن. واهن مان نڪرندڙ پاڻي ڳوٺن، زرعي زمينن ۽ مال جي واڙن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب انسانن سان گڏ مال متاع به متاثر ٿيو آهي. ان کان علاوه، نڪاسي ۽ پاڻي جي فراهميءَ جي مسئلي هن وقت هڪ انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري ورتو آهي. برساتن کان پوءِ نڪاسيءَ جو نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ گٽر اڀامي ويا آهن، جن مان نڪرندڙ گندگي پاڻي سان گڏ گهٽين ۽ بازارن ۾ پکڙجي وئي آهي. نتيجي طور، ماڻهن کي چمڙي جي بيمارين، پيٽ جي وبائن ۽ ڊينگي، مليريا جهڙين بيمارين جو خطرو وڌي ويو آهي. انهي سان گڏ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي پڻ بند ٿي وئي آهي، ڇو ته پاڻي جي لائينن ۾ برساتي گندو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته صورتحال اڃا به خراب آهي، جتي نه اسپتالون آهن، نه دوا، نه ئي ڪو امدادي ڪارروايون وقت سر پهتيون آهن. شهري زندگي مڪمل طور تي معطل ٿي وئي آهي، مارڪيٽون ويران، ڪاروبار ٺپ، ۽ ماڻهو پريشان حال آھن.
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هر سال جيان هن سال به حڪومت صرف رپورٽون تيار ڪندي، اجلاس گھرائيندي ۽ ٺيڪيدارن کي ڪم ڏيڻ جا اعلان ڪندي، يا ڪو عملي قدم به کنيو ويندو؟ برسات ته قدرتي عمل آهي، پر ان سان لاڳاپيل بحران حڪمرانن جي نااهليءَ جو نتيجو آهي. سنڌ جي حڪومت، بلدياتي ادارن، واٽر بورڊ ۽ ضلعي انتظاميا کي هاڻي جاڳڻو پوندو. نه صرف نڪاسي ۽ پاڻي فراهميءَ جي بنيادي ڍانچي کي جديد بنائڻ جي ضرورت آهي، پر بندن جي مضبوطي، آبپاشي نظام جي بحالي ۽ ايمرجنسي ريسپانس جي تياري به ضروري آهي. جيڪڏهن فوري ۽ منظم اپاءُ نه ورتا ويا ته نه صرف انساني جانين جو نقصان ٿيندو، پر سنڌ جي معاشي، زرعي ۽ شهري ڍانچي کي به ناقابل تلافي نقصان پهچندو.