ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره صنم سعيد هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ويب سيريز ”برزخ“ جو دفاع ڪندي پنهنجي تنقيد ڪندڙن کي چيو آهي ته هو ڊرامي کي مڪمل ڏسڻ کانپوءِ ڪهاڻي سمجهندا. صنم سعيد تازو ئي هندستان ٽائمز کي هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن ڀارتي عوام کي پنهنجو ڀائر ۽ ڀينر به چيو آهي. اداڪارا چيو ته هوءَ محسوس ڪندي آهي ته پاڪستاني ۽ هندستاني جي رهڻي ڪرڻي هڪجهڙي آهي، پر ڪجهه عرصي کان سندن الڳ پرورش سبب انهن ۾ فرق ۽ تبديليون آيون آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني ماڻهو بالي ووڊ فلمن ۽ اسٽار پلس ذريعي هندستاني ماڻهن جي طرز زندگي ۽ پسند ۽ ناپسند کي ڏسندا رهندا آهن پر هندستاني ماڻهو پاڪستانين سان لاڳاپيل ڪجهه به نٿا ڄاڻن ۽ نه ئي ڏسن ٿا. صنم سعيد جو چوڻ هو ته کيس اڄ تائين ڀارت وڃڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو آهي، ان ڪري اتي ڪم ڪرڻ جي تجربي بابت ڪجهه نه ٿي ٻڌائي سگهان، پر اميد آهي ته کيس اتي وڃي ڪم ڪرڻ جو موقعو ضرور ملندو.

 

 

اداڪارا پنهنجي تڪراري ويب سيريز ”برزخ“ جي واکاڻ ڪندي چيو ته نه رڳو ان جي عڪس بندي ڪمال جي آهي گڏوگڏ ڪردار ۽ ڪهاڻي به شاندار آهي. ڍهن چيو ته برزخ کي توقع کان وڌيڪ مقبوليت ۽ محبت ملي آهي پر ڪجهه ماڻهو اڃا تائين ڪهاڻي نه سمجهي سگهيا آهن.