اسلام آباد/ راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته برداشت ختم ٿيندي پئي وڃي، 30 مئي تي سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي ميچ آهي، پارٽي روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار رهي، ڏنڊي سان نظام هلايو پيو وڃي، اسيمبلي ۽ بجيٽ اجلاس هلڻ نه ڏينداسين، رئوف حسن مٿان حملي واري معاملي تي روڊن رستن تي احتجاج ڪنداسين. اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 8 فيبروري کان اڳ 3 سزائون ڏنيون ويون پر سمورين پروپيگنڊا باوجود ماڻهن اسان کي کٽرايو. انهن سمجهيو ته اسان اليڪشن کان ڀڄي وينداسين، اسلام آباد جو رٽرننگ آفيسر ڀڳل آهي، رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اسلام آباد جون سيٽون 50 هزارن جي ليڊ سان کٽيون هيون. ميڊيا جو وات بند ڪرڻ لاءِ فارم 47 جي وزيراعليٰ عزت جو قانون پاس ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ خوف جي ذريعي سڀ ڪجهه هلايو پيو وڃي پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. اسان کي خبر آهي ته رئوف حسن تي حملي جي واقعي پويان ڪير آهي؟ رئوف حسن سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته نظام ڏنڊي جي ذريعي هلايو پيو وڃي. اسان جي سهپ ختم ٿيندي پئي وڃي، اسان جلد روڊن تي احتجاج ڪنداسين، عمران خان وڌيڪ چيو ته شهباز شريف چئي رهيو آهي ته مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، مشڪل فيصلا ته تڏهن ٿيندا آهن جڏهن ليڊر قربانيون پاڻ کان شروع ڪن. سمورا ڪيسز سڌا سنوان هلايا وڃن ته جيئن قوم کي پتو پوي چوري ڪنهن ڪئي؟ غداري جو ڪيس هلائڻو آهي ته هلايو ڦاسي لاءِ به تيار آهيان، ججن مٿان جيڪو خوف هو اهو ختم ٿيندو پيو وڃي. عمران خان نواز شريف سان ڪنهن به قسم جي ڊيل جو تاثر رد ڪندي چيو ته چوڌري نثار سان گڏ نواز شريف سان ملاقات ٿي هئي، نواز شريف سمجهيو ته منهنجي ضمير جي قيمت صرف هڪ روڊ آهي. پرويز الاهي جي آزادي تي خوش آهيان، عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا کي اجازت آهي ته هو حڪومت ڪيرائي، مون کي اها اجازت ناهي ته مان آمريڪا جي سازش کي وائکو ڪريان.