ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا ملڪ جي راڄڌاني ۾ وڳوڙن کانپوءِ آرمي چيف جنرل جوليو سيزرڊِي اَروڊا کي هٽائي ڇڏيو آهي
برازيل جي راڄڌاني ۾ 2 هفتا اڳ مظاهرين پاران پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ صدارتي محل تي چڙهائي ڪئي وئي هئي
برازيل جي صدر وڳوڙين جي ڳجهي حمايت ڪرڻ تي اڳ به ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي عهدن تان برطرف ڪيو هو
اڳوڻي صدر جير بولسونارو جي سڏ تي مظاهرين پاران حڪومت خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جاري آهي، حڪومت کي شڪ آهي ته انهن مظاهرن جي فوج پٺڀرائي ڪري رهي آهي
هي به پڙهندا