ريو ڊي جنيرو(انٽرسٽنگ نيوز) برازيل جي عدالت هڪ جوڙي کي پنهنجي نئين ڄاول تي مصري بادشاهه جو نالو رکڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب برازيل جي شهري ڊينيلو ۽ ڪاٽارينا پنهنجي تازي ڄاول ٻار جو نالو ڪاري رنگ جي مصري فرعون پيئي جي نالي تي رکڻ چاهيو پر عدالت منع ڪري ڇڏيو. پابندي بابت عدالت چيو ته جيڪڏهن اهو نالو رکيو ويو ته ان ڳالهه جو خدشو آهي ته ان نالي جي ڪري ٻار کي تنگ ڪيو ويندو. پيئي نالي هڪ فرعون فرعون سلطنت ۾ 25 خاندانن جو بنياد وڌو ۽ 30 سالن تائين مصر تي حڪومت ڪئي. عدالت خدشو ظاهر ڪيو ته غير معمولي نالو ٻار کي سڄي عمر طنز ۽ طعنن جو شڪار بڻائيندو. ڊينيلو پريمولا ڊيلي ميل کي ٻڌايو ته اسان تحقيق ڪئي هئي اهو نالو رکڻ ڪيئن هو ۽ اسان کي پيئي جي ڪهاڻي ملي جيڪو هڪ نيوبين جنگجو هو، جنهن مصر کي فتح ڪيو ۽ پهرين ڪاري رنگ جو فرعون بڻجي ويو.