بدين(رپورٽر) مولانا طارق جميل فائونڊيشن جي طرفان بدين ۾ 50 جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ سيڪريٽري وومن ڊولپمينٽ اٿارٽي سنڌ بي بي ياسمين شاهه شرڪت ڪئي، انھي موقعي تي ھن فائونڊيشن جي ڪم جي تعريف ڪئي تقريب ۾ سي اي او احتشام الحق قريشي ريجنل مئنيجر محمد حارث چيو ته مولانا طارق جميل 198ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ پھرين شادي ڪرائي عوامي خدمت جي ڪم جو آغاز ڪيو ويو2019ع ۾ فائونڊيشن جو بنياد وڌو ويو جنهن جو مقصد بنا ڪنھن امتياز جي انسانيت جي خدمت ڪرڻ آھي، ھن چيو ته فائونڊيشن جي طرفان تعليم اسڪالرشپ ليبارٽري ايمبولينس سروس ۽ ٻيا عوامي فلاحي ڪم ڪيا پيا وڃن جنھن جي شروعات پنجاب مان ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي غريب ماڻهن جن جي آمدني محدود آھي ۽ ھو غربت سبب پنھنجي نياڻين جي شاديون ڪرائڻ لاءِ پريشان آهن، ان سلسلي ۾ بدين ۾ اسان 50 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي خدمت ڪرڻ جي ابتدا ڪري ڇڏي آھي، جنھن ۾ ھر جوڙي کي ضرورت جو سامان مھيا ڪيو ويو آھي، جنھن سان سندن روز مره جي زندگيءَ ۾ آساني پيدا ٿيندي تقريب ۾ شاھنواز پرھياڙ کانسواءِ جوڙن جي والدين ۽ عزيزن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ھن موقعي تي آيلن جي لاءِ ماني جو اھتمام ڪيو ويو ھو.