بدين(رپورٽر) بدين لڳ ڳوٺ علي مراد چانڊيو جي رهواسين ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند ٿي ويو. ان موقعي تي اعظم چانڊيو، حبيبان چانڊيو ۽ ٻين چيو ته بااثر چانڊيا برادري جي نظر علي چانڊيو ۽ ٻين گهرن ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني ۽ تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ عورتون به زخمي ٿي پيون آهن،گهرن ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ زبردستي زرعي زمين جا ڪاغذ به کڻي ويا، متاثرن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف سٽي انچارج اياز انصاري پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ته هو ايس ايس پي سان ڳالهائي مسئلو حل ڪرائيندو جنهن کان پوءِ مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو،