بدين(رپورٽر) بدين ۾ نوجوان شاگرد دوست اتحاد جي سڏ تي وفاقي حڪومت پاران 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف الله واري چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نوجوانن سخت نعريبازي ڪئي، انھي موقعي تي نوجوان شاگرد دوست اتحاد جي اڳواڻن عطا چانڊيو، سڪندر سومرو، مشتاق جمالي، لالا عنايت، محبوب سنڌي ۽ ساحل انصاري خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر سنڌ جو عوام جاڳي ٿي پيو آهي، سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، ھنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ دشمن منصوبي کي فوري ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ٻئي صورت ۾ سنڌ جو عوام سخت احتجاج ڪندو