بدين (رپورٽر) بدين ٿاڻي جي حد سيراڻي روڊ تي جنڪي لڳ ڳوٺ چڀڙ چانگ ۾ چانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جي 40 سالا محمد موسيٰ، 35 سالا صابو، 25 سالا محمد ايوب سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻئي ڌر مان 35 سالا الهبچايو، 25 سالا محمد سومار ۽ 30 سالا نيڪ محمد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جي 3 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.