بدين(رپورٽر) بدين ۾ٽريفڪ پوليس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪارممتاز جوڻيجو پنهنجي زال ۽ ٻارڙن سان گڏجي پنهنجي ڀاڻيجي سليم جوڻيجو خلاف ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ممتاز جوڻيجو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان شريف شهري آهيون، منهنجي ڀاڻيجي سليم جوڻيجو ڀاڙي جي نياڻي کي کڻي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪي بااثر ماڻهو اسان کي ڌمڪائي ۽ هيسائي رهيا آهن، جنهن بابت مون پنهنجي آفيسرن کي آگاهه ڪيو آهي، آئون اپيل ٿو ڪريان اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.