تلهار (رپورٽ: صديق ٿيٻو) پيپلز پارٽي جو  گذريل 15سالن کان مسلسل اقتدار ۾ هجڻ، ادارن ۾ ڪرپشن، يونين توڙي ٽائون ڪاميٽين مان عوام کي ڪو به لاڀ نه ملڻ، صحت ۽ تعليم جون اڻپوريون سهولتون هجڻ، روڊ رستا هلڻ جي قابل ئي نه هجڻ، منشيات جي ڪاروبارڪندڙن ۽ قبضا مافيا جو  چونڊيل نمائندن جي ويجهو هجڻ، پنجن ڏھاڪن کان پ پ سان ساٿ نڀائيندڙ بدين ضلعي جي عوام کي آخر پري ڪري ڇڏيو. اين اي 222 تي جي ڊي اي جي اميدوار مير حسين بخش ٽالپر ۽ پي ايس 68 تي رئيس  منصور خان نظاماڻي، پي ايس 69 تي ڊاڪٽر مير عبدالله ٽالپر ۽ پي ايس 70 تي حسنين مرزا جي گڏجاڻين، ڪارنر ميٽنگن، شهرن توڙي ڳوٺن مان ڀرپور ماڻھن جي والهانا شرڪت ڏسي، اهو هاڻي چئي ٿو سگهجي ته بدين ضلعو جيڪو پ پ جو ڳڙھ ۽ ٻيو لاڙڪاڻو ڪوٺيو ويندو هو، هاڻي ان جي اميدوارن جون ننڊون حرام ۽ مٿين قيادت کي لوڏي ڇڏيو آهي. اين اي 222 جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ هاڻوڪي اميدوار مير غلام علي ٽالپر سان اليڪشن ورڪ دوران پيش ايندڙ ماڻھن جو ووٽ کان کتو جواب، ان جي مقابلي ۾ لکي خاندان جو سادو سودو هر ڪنهن سان کلي ملڻ، جهڙو حال تهڙو پيش پريان طبعت وارو ماڻھو مهراڻ يونيورسٽي مان انجينيئرنگ جي ڊگري رکندڙ مير حسين بخش ٽالپر اڳوڻي ايم اين اي جا پگهر وهائي ڇڏيا آهن، ٻئي طرف لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان ڊاڪٽر جي ڊگري رکندڙ مير عبدالله ٽالپر، لنڊن مان بئريسٽر جي ڊگري رکندڙ حسنين مرزا ۽ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪندڙ منصور علي خان پ پ جي اميدوارن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب اين اي 222 جي غير تسلي بخش حالت کي ڏسي گذريل هفتي ٺٽي ضلعي ۾ زرداري هائوس تي فريال ٽالپر جي ميمبرن سان ميٽنگ ۾ اين اي 222 جي اميدوار ٽنهي ايم پي اي جي مدد نه ڪرڻ  جون شڪايتون ڪيون ته هو صرف پنهنجو ورڪ ڪن پيا، منهنجي ووٽ لاءِ زور نٿا ڀرين، جنهن تي ٽنهي اميدوارن چيو ته مير صاحب ماڻھن کان 5سال پري رهيو ترقياتي ڪم مڪمل نه ڪرائي سگهيو، اهو ئي سبب آهي جو پهريون دفعو اليڪشن ڪندڙ مير حسين بخش ٽالپر کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. تلهار تڪ تي پ پ سان 2 دفعا اليڪشن وڙهندڙ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار رئيس ناصر خان نظاماڻي پڻ هن وقت جي ڊي اي جي نمائندن جو ڀرپور ورڪ ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه اڳوڻو ٽائون چيئرمين مير شاهد ٽالپر، مير مشتاق ٽالپر ۽ مير منظور ٽالپر، پيرولاشاري ۽ مراد خان ٽالپر جي ٽالپر برادري جو پ پ مخالف اميدوارن جي ڀرپور مدد ڪرڻ سبب پ پ جي اميدوار  سان هن تڪ تي زبردست مقابلو ٿيڻ جا امڪان آهن، جيڪي اڳين اليڪشن ۾ پ پ اميدوار مير الله بخش ٽالپر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا هئا. پي ايس 68 تي ڏاڏا هاليپوٽو کي ايتري  موٽ ناهي ملي رهي، جيتري مرحوم بشير خان کي ملندي هئي، جيتوڻيڪ بشير خان جي اقتدار وقت ماتلي تڪ ۾ ترقياتي ڪم بلڪل نه هجڻ برابر ٿيا پر راڄداري سبب ماڻھو هن کي ووٽ ڏيندا هئا، جيڪا پونئيرن خصوصن ڏاڏا هاليپوٽو ختم ڪري ڇڏي، جنهن سبب ماڻھو ڪافي پ پ کان پري ٿي چڪا آهن، ان کان علاوه اڳوڻي پ پ ايم پي اي جو فرزند عبدالرئوف نظاماڻي ۽ سريوال برادري پڻ پ پ کان ڪافي پاسيرا هجڻ سبب جي ڊي اي جي اميدوار منصور علي خان جي پوزيشن ڪافي مظبوط ٿي چڪي آهي. گذريل ٻوڏ دوران اربابن پنهنجون جاگيرون بچائي غريبن جا ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا ۽ ٽنڊوباگو ٽائون ۾ پ پ جي نمائندن ڪروڙن جي ڪرپشن کان علاوه ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ سبب هن تڪ جي عوام پ پ کان مايوس ٿي چڪي آهي.  2018ع جي اليڪشن جا نتيجا اگر ڏٺا وڃن ته پي ايس 69 تي 3200 ووٽن جو فرق ۽ اين اي 222 تي 15000 هزارن جو فرق رهيو هو، جڏھن ته ان وقت مير برادريون سڀ پاڻ ۾ متحد هيون ۽ جي يو آءِ جو مولانا محمد عيسيٰ سمون مظبوط اميدوار جنهن لڳ ڀڳ 11هزار ووٽ حاصل ڪيا، ان جي جماعت هن وقت جي ڊي جي نمائندن جي حق ۾ غير مشروط طور دستبردار ٿي چڪي آهي، جنهن سان پڻ جي ڊي اي اميدوارن جي پوزيشن مظبوط ٿي آهي.گذريل 7سالن ۾ صرف ٽن تعلقن جي يونين ڪائونسل ۾ ڪروڙين رپيا سرڪاري فنڊ آيا، جيڪي صرف ئي صرف چيئرمين ۽ منظور نظر سياسي سيڪريٽرين مال غنيمت سمجهي گڏجي کاڌا آهن، جنهن کي چونڊيل نمائندا روڪي نه سگهيا. گذريل مڪاني چونڊن ۾ سمورا سرڪاري وسيلا استعمال ڪري اليڪشن کٽيون ويون، هتان جو عوام بر ملا اهو چئي رهيو آهي ته مڪاني ادارا پ پ وارن ڏنا ئي جيالن ۽ وڏيرن کي آھن. مذڪوره زميني حقيقتن کي ڏسندي اهو ضرور چئي ٿو سگهجي ته ماڻھن جي شعور پ پ جي قيادت کي سوچڻ تي مجبور ضرور ڪيو آهي، جو بدين اندر پ پ مخالفت ۾ وڌندڙ ووٽ ڏسي پ پ وارن آصفه ڀٽو زرداري کان ورڪ مهم ڪرائي عوام کي متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، جڏهن ته بدين واسين کي سخت ضرورت ادارن جي مڪمل بحالي جي آهي، جنهن سان عام ماڻھن جو معيار زندگي بدلجي ٿو سگهي.