بدين(رپورٽر) بدين ۾ پي ايس ٽي اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ ايوان صحافت بدين آڏو 40 مارڪن کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن منظر علي قمبراڻي، مرتضي چانگ، اميدعلي چانگ، علي اڪبر سومرو، عبدالجبار سومرو، علي مراد، عبدالرزاق سومرو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو آھي ته اسان آءِ بي اي پاس اميدوار آھيون اسان کي 3 سال ٿي ويا آھن پر آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، 30 جون تائين مدو وڌائڻ باوجود تعليم کاتي بدين سستي جو مظاھرو ڪري سيٽون گھٽ ظاھر ڪري ناانصافي ڪئي آھي، هنن تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه کان مطالبو ڪيو ته آءِ بي اي پاس اميدوارن کي جلد کان جلد آفر ليٽر ڏنا وڃن، ٻئي صورت ۾ ڪراچي ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.