ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران بدين ۾ پولنگ اسٽيشنز جي تبديلي، ڊي سي بدين وضاحت ڏيڻ ۾ ناڪام، اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري سنڌ کي وارننگ ڏيندي لاڳاپيل ڊي سي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي حڪم تي صوبائي اليڪشن ڪميشن ڊائريڪٽر سجاد خٽڪ خط لکي چيف سيڪريٽريءَ کي آگاهه ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پاران لاڳاپيل ڊي سي بدين آغا شاهنواز خان کي 17 جنوري 2023 تي خط لکي وضاحت طلب ڪئي هئي، اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ڪميشن جي منظوري کان بغير ڊي سي بدين مڪاني چونڊ جي مرحلي دوران پولنگ اسٽيشن جي تبديلي ڪئي، ڊي سي بدين آغا شاهنواز خان ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر جي ذميواري دوران غفلت ۽ نااهلي سبب مڪاني چونڊن ۾ پنجن مهينن جي دير ٿي ۽ رقم جو زيان ٿيو، وضاحت طلب ڪرڻ ڪو جواب ناهي ڏنو ويو.