بدين(ن پ ا) بدين ۾ ننهن جو ڀاءُ سان گڏجي سهري خلاف احتجاج، لڄالٽ جو الزام خبر موجب بدين ۾ واپاري اڳواڻ محمد حسن ميمڻ جي ننهن ثمرين ميمڻ پنهنجي ڀاءُ شهزاد ميمڻ سان گڏجي ايوان صحافت ۾ احتجاج ڪندي الزام مڙهيندي چيو آهي ته سُهري واپاري محمد حسن ميمڻ مون سان لڄالٽ ڪئي آهي، عدالتي حڪم بعد ڪيس داخل ڪرايم ته هن چاچي اقبال ميمڻ  ۽ شيراز ميمڻ هٿان منهنجي ڀاءُ تي تشدد ڪرايو، هنن چيو ته بدين ميونسپل ڪميٽي جو وائيس چيئرمين جوابدار محمد حسن ميمڻ جي مدد ڪري رهيو آهي هنن چيو ته منهنجو والد جنهن جو دماغي توازن درست نه آهي، ان کي اسان جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، ناري پنهنجي ڀاءُ سان گڏ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، سيشن جج بدين، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته سندس ڀاءُ تي حملو ڪندڙ ۽ مون سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.