بدين(رپورٽر ) بدين ضلعي ۾ هن سال هڪ لک کان وڌيڪ ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل لهڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي جيڪو 2200 کان 2300 روپين جي حساب سان ڪارخانيدار رائس مل مالڪ ۽ واپاري خريد ڪري رهيا آهن، انھي سلسلي ۾ بدين جي شهرين آبادگار اڳواڻن ظفر شاھ، لکاڏنو سيال، مسعود جوڻيجو ۽ ٻين موجب ته بدين اندر ڪڻڪ جو فصل لهي چڪو آهي پر ڪارخانيدارن ۽ واپارين پاران آبادگارن کان ڪڻڪ گهٽ اگهه تي خريد ڪئي پئي وڃي جڏھن ته يوريا ڀاڻ ۽ ٻج دوائون گھڻيون مھانگيون ٿي ويون آھن، فصل مان خرچ نٿو نڪري جنھن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي، ته وري ٻئي پاسي فلور ملن ڪارخانيدارن ۽ واپارين پاران ڪڻڪ جي اٽي جي قيمتن ڪابه گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، چڪي مالڪ ۽ دڪاندار 110 روپين کان 120 روپيا ڪلو جي  حساب سان ڪڻڪ جو اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن،ھنن چيو ته ڪارخانيدار ڪڻڪ سستي اگهه تي خريد ڪري اسٽاڪ ڪري رکي ڇڏيو آھي ۽  ڪجهه ڏينھن کان پوءِ اٽو اڃان به مهانگو ڪري ڇڏيندا،ھنن شڪايتون ڪندي چيو ته سرڪار پاران هن دفعي اگهه مقرر نه ڪيو ويو ۽ ڪڻڪ جي ڪابه خريداري نه پئي ڪئي وڃي خريداري سينٽر بند پيا آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته سرڪار کي گھرجي ته ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪري خريداري ڪري آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ گهرجي.