بدين (رپورٽر) بدين شھر جي مساڻ محلي ۾ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ پيسرن مارجي ويو، پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، بدين پوليس پھچي پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، بدين شھر جي مرڪز مساڻ محلي ۾ ملاح برادري ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ 70 ورهين  جمن ملاح موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته جوابدار وقار ملاح ولد نبو ملاح، غلام قادر ولد بچايو ملاح، شبير ڪوريجو فرار ٿي ويا، بدين پوليس پھچي فوتي محمد يوسف ملاح جو مڙهه انڊس اسپتال بدين پوسٽ مارٽم لاءِ پھچايو، ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو مڙهه گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، بدين ماڊل پوليس جي ايس ايڇ او انور لغاري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏھن ته جھيڙو ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويا آھن جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،