بدين(رپورٽر) بدين ۾ ڪئنال رٿا خلاف جي ڊي اي پاران شھيد بينظير ڀٽو چوڪ کان نڪرندڙ ريلي ۾ مرزا گروپ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن نتيجي ۾ ذوالفقار مرزا جي ويجھي ساٿي نديم مغل جو واپاري پٽ موٽر سائيڪل ايسوسيئيشن جو صدر مرتضيٰ مغل حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون متاثر ڌر بدين ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي زخمي کي انڊس اسپتال روانو ڪيو ويو، ٻئي پاسي زخمي مرتضيٰ مغل ميديا کي ٻڌايو ته مرزا گروپ جي رزاق عرف ڪھاڙو سومرو سندس ساٿين سان گڏجي منھنجي مٿان قاتلان حملو ڪري زخمي ڪيو آھي، ٻئي پاسي ماڊل ٿاڻي جي ايس ايچ او انور لغاري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون مرزا گروپ سان لاڳاپيل آھن متاثر ڌر بدين ٿاڻي پھچي ڪيس داخل ڪرائڻ چاھيندي ته ضرور داخل ڪيو ويندو.