بدين(رپورٽر ) ماتلي واسي معشوق علي ٻٻر، گل ناز ٻٻر ۽ ٻين سان گڏ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ بااثرن خلاف ايوان صحافت اڳيان احتجاجي ڪندي چيو ته ديهه ٻورهواعتي ۾  زميندار اشرف نظاماڻي وارا پاڻي ڇڏي زمينون ٻوڙايو ڇڏين ٿا ۽ پاڻي کوٽ ۾ اسان جا واٽر بند ڪريو ڇڏين ٿا، هو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، بااثر پاران اسان جي ڀائرن عجيب ٻٻر ۽ محمد عظيم ٻٻر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، گل ناز ٻٻر جو وڌيڪ چوڻ هيو ته بااثر منهنجي پٽ جو رڪشا به ڦري ويا آهن، هنن آءِ جي  سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٻين کان گهر ڪئي آهي ته اسان کي بااثر زميندار مان خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.