بدين (رپورٽر)بدين جي فشر فوڪ فورم جي ضلع اڳواڻن حاجي نبي بخش ملاح محمد عمر ملاح عبدالرزاق ملاح ميهار ڌانڌل ۽ ٻين پاران پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان بدين ۾ ھڪ هنگامي گڏجاڻي رکي وئي جنهن ۾ ڳالھائيندي  هنن مطالبو ڪيو ته بدين جي ساحلي پٽي سان لڳندڙ واھن سنهي گوني راڄ واھ مور شاخ گنج بحر نورواھ سومرا شاخ ۾ فوري پيئڻ جو مٺو پاڻي ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته هنن شاخن ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي جي کوٽ آهي جنھن ڪري لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي رهيا آهن ماڻهو ۽ جانور اڃ مري رهيا آهن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته .پاڻي جي کوٽ کي  فوري طور ختم ڪري بدين جي شاخن پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ مرحلي وار تحريڪ شروع ڪئي ويندي.