بدين (رپورٽر) بدين ۾ لاڙ صوفي سنگت پاران سالياني صوفياڻي محفل رچائي وئي، صوفي راڳي خالد ڀٽي محفل کي جھومائي ڇڏيو ، محفل ۾ جانڻ چن، جونيئر سياسي سماجي اڳواڻ امير آزاد پنهور، سنڌ جو نالي واري وڪيل صلاح الدين پنهور، ڊي ايس پي قربان ملاح، ڊي ايس پي سليم رضا پرهياڙ، ڊي ايس پي  غلام مصطفيٰ مخدوم ، صحافي يونس بڪاري، سگهڙ عبدالقيوم راهو، جهان خان چانڊيو، اميد علي چانگ، پنهل جوڻيجو، نديم ناز اُنڙ سميت سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جانڻ چن جونيئر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين درويشن ولين جي سر زمين آهي سنڌ امن ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿي سنڌ ۾ ٿيندڙ اڻ وڻندڙ واقعا اسان جي نئي نسل کي غلط ميسج ڏين ٿا، پروگرام جي آخر ۾ سنڌ جي نالي واري صوفي راڳي خالد ڀٽي سُر وکري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.