بدين(رپورٽر) بدين ۾ هاءِ وي کاتي جي ايمپلائيز سي بي اي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻن قربان علي سومرو، غلام قادر، آهير غلام رسول سومرو، علي نواز کوس،و چيئرمين سيد ايوب شاهه ميوو مجروح، محمد جمن خاصخيلي ۽ ٻين ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي نپوڙي ڇڏيو آهي، ملازم جن جو گذر سفر ئي پگهار تي آهي، انهن جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي، هنن چيو ته پاڪستان جي ٽن صوبن اندر ملازمن جون پگهارون ۽ انهن جون مراعتون وڌايو ويون آهن، پر واحد صوبو سنڌ آهي، جتي ملازمن جو نه ته پگهار وڌايو ٿو وڃي نه وري سندن جائز مطالبا منظور ڪري کين سندن بنيادي حق ڏنا پيا وڃن ، هنن چيو ته اسان جو مطالبو صرف اهوئي آهي ته هاءِ وي کاتي جي ملازمن جون پگهارون وڌايون وڃن ۽ ميڊيڪل الائونس، يوٽيلٽي الائونس سميت جائز منظور ڪيا وڃن. ٻئي صورت ۾ سوين ملازم ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندا. انهي موقعي تي ايمپلائيز سي بي اي سنڌ يونين جي اڳواڻن ملازمن طرفان سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي،