بدين (رپورٽر )سنڌ سجاڳي فورم بدين پاران سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر نوجوان  افضل لنڊ فاطمه ڦرڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽  معصوم پريا ڪماري کي بازياب لاءِ نه ڪرائڻ خلاف پيادل لانگ مارچ ڪري ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، سخت نعريبازي  ڪندي سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻن صنم نهڙيو، ذيشان انصاري، ستار مغيري، شفقت حسين ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ روزانو ڪيترن  ئي ڳڀرو نوجوانن جا لاش ملي رهيا آهن ۽ تازو هڪ  نوجوان شهيد افضل لنڊ کي سرعام قتل ڪيو ويو آهي جنهن جا اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جڏهن ته سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جا قاتل به قانوني گرفت ۾ نه اچڻ ڪري سندس وارثن سان انصاف نه ٿي سگهيو هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي نياڻي شهيد فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ اغوا ٿيل پريا ڪماري کي پڻ فوري طور بازياب ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.