بدين (رپورٽر) بدين ضلعي اندر بٺا مالڪن طرفان پنھنجا ھٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ڇاس سرون هڪ هزار جو اگهه 20 هزار ۽ ننڍيون سرون 16 ھزار کان 18 ھزار ڪرڻ خلاف عوام پاران وڌيڪ اگھه واريون خبرون ميڊيا تي لڳڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي نوٽيس وٺندي هڪ ليٽر جاري ڪندي سرن جي بٺا مالڪن سان گڏجاڻي ڪري کين سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته بٺي مالڪ هڪ هزار سرن جو اگهه 10هزار روپيا وٺن، ٻئي صورت ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي اهڙي فيصلي اچڻ کان پوءِ بدين جي ماڻهن خوشي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته بدين ضلعي اندر برسات متاثرن کي ملندڙ گهرن جو ڪم ڌڙا ڌڙ هلي رهيو آهي، جنهن ڪري بٺي مالڪن سرن جو اگھه وڌائي غريبن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.