بدين ( رپورٽر ) بدين جي ميڊيڪل اسٽورن تي دستياب انساني زندگيون بچائيندڙ سمورين دوائن جا اگھه چوٽ چڙهي ويا آهن، گذريل ٻن ڏينهن اندر دوائن جي اگهن بي انتها گهڻو اضافو ٿيڻ ڪري بيماري مريضن لاءِ دوائون وٺڻ به خواب بڻجي ويون آهن جنهن ۾ دل شوگر بلڊ پريشر ڏندن جو سور کنگ بخار زڪام پيٽ جو سور هاضمو هيپِاٽائيٽس بي ۽ سي ڊائريا ڦٽن جا ملم آرام جون گوريون انجيڪشنون ٽيبليٽ ۽ سمورا سيرپ پائيوڊين ٻارڙن جو دٻن وارو کير گلي جي سور سميت سمورين بيمارين تي ڪنٽرول ڪندڙ دوائن جا اگهه سون جي اگهن سان مقابلو ڪرڻ لڳا آهن جنهن ڪري غريب بي پهنچ مريض دوائن وٺڻ بجائي دعائن تي گذارو ڪرڻ لڳا آهن بدين جي ميڊيڪل اسٽور تان دوائون خريد ڪندڙ مريض جي وارثن جمن خاصخيلي، مبارڪ سومرو حاجي محمد جت ۽ موجب ته ميڊيڪل اسٽورن تي وڏن توڙي ننڍن ٻارڙن جي بيمارين لاءِ ملندڙ دوائن جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن جنهن ڪري دوائون وٺڻ وقت سئو دفعا سوچڻو ٿو پوي موجوده حڪومت کي دوائن جي وڌندڙ دوائن جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيماري ۾ مبتلا مريض سستي گھ تي دوائون وٺي زندگي بچائي سگهن جيڪڏهن دوائن جا اگھه وڌندا رهيا ته بيمار مريض گهرن اندر پنهنجي زندگي وڃائي ويهندا ٻئي طرف ميڊيڪل اسٽور مالڪن فتح عباسي رميش لال ڊي ايم مهاراج ٻڌايو ته ميڊيڪل ڪمپني طرفان مٿان کان روزانو اگھه وڌي رهيا آهن جنهن ڪري مجبورن گهٽ مزدوري رکي دوائون ڏيون ٿا غريب مريضن تي رحم به اچي ٿو پر اگهن ۾ روزانو واڌ ڪرڻ ڪري مريض اسان سان منهن ماري ڪن ٿا ان ۾ اسان جو ڏوھ ناهي دوائن جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ سان غريبن کي فائدو ملي سگهي ٿو، ٻئي طرف بدين واسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته انساني حياتيون بچائيندڙ دوائن جا اگھه گهٽايا وڃن ته جيئن مختلف بيمارين ۾ مبتلا مريض سستي اگهه تي دوائون وٺي زندگي بچائي سگهن.