بدين  (رپورٽر)واپڊا بدين جي عملدارن ايڪسئين علي رضا ڀٽي ۽ ايس ڊي او آيت الرحمان سومرو جي اڳواڻي ۾ لائن سپريڊنٽ ۽اسٽاف سان گڏ بجلي جي چوري کي روڪڻ لاءِ شھر جي ڳٿيل علائقن ۽ ڪاروباري مرڪز غريب آباد، شھباز روڊ، قائداعظم روڊ، عابد ٽائون، علي ٽائون، پوسٽ آفيس روڊ، شاھنواز چوڪ، ريشم گلي، سونارا بازار سميت ڪيترن ئي بازارن ۾ گرينڊ آپريشن ڪري بجلي جي بلن جي مد ۾ رھيل لکين روپيا  وصول ڪيا ۽ سون جي تعداد ۾ غير قانوني لڳل چوري وارا ڪنيڪشن ڪٽي بجلي جون وائرون پاڻ سان گڏ کڻي ويا واپڊس جي آفيسرن ميڊيا کي ٻڌاو ته بدين ۾ بجلي جي بلن جي رھيل بقايا رقم وصول ڪري غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽيا ويا آھن زبردستي بجلي چوري ڪندڙ چيئن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن ھنن چيو ته ھر صورت ۾ بجلي جا غير قانوني لڳل ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا.