بدين (رپورٽر) بدين ۾ جوان ڌيءَ سان مبينا زيادتي جي الزام ۾ پيءُ گرفتار، ڪيس داخل، پوليس پاران جوابدار عادي ڏوهاري قرار خبر موجب بدين شھر ڀرسان ڳوٺ وسي پير عالي شاهه جي رهواسڻ جوان ناري شهر بانو سومرو پنھنجي ماءُ حنيفان سومرو ۽ ڏاڏي ھارون سومرو سان گڏجي ماڊل ٿاڻي بدين پھچي پنهنجي پيءُ جمن سومرو خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس پيءُ جمن سومرو ساڻس مسلسل زبردستي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آھي، هاڻي تنگ ٿي ٿاڻي تي پهتي آهيان، مونسان انصاف ڪيو وڃي، جنهن بعد بدين پوليس ناري جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري الزام هيٺ آيل جوابدار جمن سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ماڊل ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور لغاري ٻڌايو ته جوابدار جمن سومرو عادي ڏوهاري آهي، هن 2023ع ۾ به ان ئي نياڻي کي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ان واقعي جو ڪيس نمبر 416/2023ع به داخل ٿيل آهي، هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر جوابدار پنهنجي نياڻي کي وهـشـت جو نشانو بڻايو آهي، جنهن ڪري اسان متاثر نياڻي جي فرياد تي ٻيھرڪيس نمبر 134/2025ع تحت ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، هوڏانهن زيادتي جو شڪار بڻيل نينگري شهر بانو سومرو جي ماءُ حنيفان سومرو ۽ ڏاڏو هارون سومرو ماڊل ٿاڻي بدين تي ميديا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جوابدار جمن سومرو عادي ڏوھاري ۽ ٻن قتل ڪيس ۾ به ملوث آھي، ھن ظالم پيءُ پنھجي نوجوان ڌيءَ سان ڪيترائي ڀيرا زبردستي زيادتي ڪندو رھيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدار جمن سومرو کي سخت سزا ڏني وڃي.