بدين(رپورٽر) بدين ۾ ضلع ڪائونسل ۽ ضلع انتظاميه جي سهڪار سان هڪ نجي تنظيم طرفان جيم خانه گرائونڊ ۾ ثقافتي ميلو منعقد ڪيو ويو، جتي سنڌ پنجاب کان آيل هنر مند سگهڙ عورتن طرفان پنهنجي هٿ جي هنر سان ٺاهيل ثقافتي شين جا اسٽال سجايا ويا، جڏهن ته ميلي جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ اهڙا ميلا لڳڻ گهرجن ته جيئن عورتون پنهنجي هٿ جي ٺاهيل هنر کي ماڻهن تائين پهچائي پنهنجي هنر جي پذيرائي حاصل ڪري سگهن، ان کان علاوه ۽ هن طريقي جا ميلا عورتن ۾ اتساھه پيدا ڪرڻ لاءِ لڳايا وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪري انهن سگهڙ عورتن جي حوصلا افزائي ڪري سگهن.