بدين ۾ بسپ جا پيسا ملڻ ڏکيا، عورتون دربدر، بسپ جي اسپيشل ٽيم به ٻوٽو نه ٻاريو

0
27
بدين ۾ بسپ جا پيسا ملڻ ڏکيا، عورتون دربدر، بسپ جي اسپيشل ٽيم به ٻوٽو نه ٻاريو
بدين ۾ بسپ جا پيسا ملڻ ڏکيا، عورتون دربدر، بسپ جي اسپيشل ٽيم به ٻوٽو نه ٻاريو

بدين (رپورٽر ) بدين جي  پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ غريب ۽ مستحق عورتن لاءِ ايندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط بنا رشوت ملڻ محال بڻجي وئي آهي  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط وٺڻ لاءِ ايندڙ عورتن جي شڪايتن تي پهتل صحافين جي ٽيم کي ڏسندي ئي عورتن  جون ڊوائيز هولڊرن خلاف رڙيون بنا رشوت جي پيسا نه ٿا ڏنا وڃن گذريل پندرهن ڏينهن کان دربدر آهيون هتي ايجنٽن ذريعي پيسا ڏنا وڃن ٿا 1000 کان 2000 رشوت ورتي پئي وڃي نه ڏيندڙ عورتن کي ھفتن تائين رولايو وڃي ٿو جڏهن ته ٻئي طرف اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر کان کان بسپ جي بدين آيل اسپيشل ٽيم صحافين کي ڏسي رفو چڪر ٿي ويا جڏهن ته سينٽر تي موجود بسپ انچارج غلام الدين بجاراڻي اسٽنٽ سپورٽ اياز علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 23 کان وڌيڪ عورتن کان ڊوائيز هولڊرن رشوت ورتي آهي جن جون آئي ڊيز بلاڪ ڪري سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،ٻئي طرف ڊوائيز هولڊرن طرفان عورتن کان ورتل رشوت صحافين جي ٽيم کي ڏسي عورتن کي  واپس ڪيا ويا عورتن موجب ته هن سينٽر تي هزارين عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط وٺڻ لاءِ آيون هيون جن کان وڏي رشوت ورتي وئي آهي جيڪا واپس نه ڪئي وئي هنن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سميت ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدين جي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ملندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط تان رشوت وٺندڙ ڪرپٽ ڊوائيز هولڊرن خلاف ڪارروائي ڪري کين آساني سان بنا رشوت وٺڻ جي قسط جا پيسا جاري ڪيا وڃن.