بدين (رپورٽر) بدين ضلع ۾ بدامني ۽ منشيات جي سرعام وڪري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ايوان صحافت بدين آڏو شروع ڪيل بک ھڙتال اڄ 20ڏينھن به جاري وڏي تعداد ۾ ڪارڪن موجود سخت نعري بازي ترقي پسند پارٽي جي ڊووزنل اڳواڻ شاھنواز سيال، سٽي صدر ياسر سيال، رسول بخش چانگ، سلطان بوھڙ، احمد خان نظاماڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بدين ضلع ۾ منشيات جنھن ۾ ڪچو شراب (ٺرو) چرس آفيم ڀنگ ھيروئن شيشو گھانجو سميت ھر نشي آور شين جو وڪرو رشوت عيوض سرعام جاري آھي بدين پوليس منٿلي وٺڻ وٺڻ بعد اجازت ڏئي ڇڏي آھي ھنن چيو ته سرعام منشيات جي وڪري سبب غريب اٻوجھه ماڻھن سان گڏ عورتون ۽معصوم ننڊي عمر جا ٻار به نشي جا عادي ٿي ويا آھن روزگار نه ھئڻ سبب نشو واپائيندڙ شھر مان چوريون ڪري نشو واپرائن ٿا سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران آحتجاج ڪرڻ تي بدين پوليس نشي جو وڪرو بند ڪرائڻ ۽چورين تي ڪنٽرول ڪرائڻ بجاء اسان جي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن, ھنن چيو ته اسان جي پرآمن آحتجاج جو نوٽيس نه وٺڻ بعد اسان تحرڪ کي تيز ڪندي ضلع جي شھرن ڪڙيو گھنور ڪڊڻ سيراڻي سميت 10 کان مٿي شھرن ۾ آحتجاج ۽ بک ھڙتال ڪيمپون لڳايون ويون آھن ھنن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بدين ضلع مان منشيات جي وڪري تي پابندي ھڻي چورين تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رھندو.