بدين (رپورٽر) بدين ۾ بدامني ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات سري عام وڪرو ٿيڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻارهن ڏينهن کان علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري ڊويزنل صدرمرڪزي اڳواڻ شاهنواز سيال، غلام قادر مراداڻي، سلطان بوهڙ، اسماعيل جي اڳواڻي ۾ 12ڏينهن کان ايوان صحافت بدين اڳيان علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري آهي علامتي بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن موجب ته 12ڏينهن کان علامتي بک هڙتال تي ويٺل آهيون پر بدين انتظاميه ٻڌڻ لاءَ تيار ناھي چوريون ڦرون جيئن جو تيئن جاري آهن ۽ بدين ۾ منشيات جو واهپو ته عروج تي پهچي ويوآهي جنھن ڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو ۽ پوليس رڳو منٿلي اوڳاڙڻ ۾ لڳل آهي جڏهن ته شھر ۾ روزانو موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ ۽ ڦرون ٿيڻ موبائيل سولر پليٽون بيٽرين سميت چوپائي مال جون چوريون روز جو معمول بڻيل آهن عام شهري توڙي ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن چورين ۽ ڦرن خلاف احتجاج ڪرڻ تي پوليس ڪارڪنن تي ڪارروايون ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي هنن صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته بدين ضلعي وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪري ۽ بدين اندر منشيات جي وڪري تي پابندي لڳائي وڃي.