بدين (رپورٽر) بدين شهر جي شاهنواز چوڪ  ڀرسان ميرواهه جي پراڻي ڀڏي تي بجلي جا وولٽيج وڌڻ سبب اشتياق ميمڻ جي بيڪري کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب بيڪري ۾ پيل فرج، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، شهرين مڙسي ڪري باهه وسائي باقي مارڪيٽ کي سڙڻ کان بچائي ورتو، ٻي طرف  واپارين سليمان ميمڻ، خالد عزيز عباسي، صالح ميمڻ ۽ ٻين پاران  حيسڪو خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين چيو ته  حيسڪو جي لاپرواهي سبب غريب بيڪري واري جو ست لک رپيا کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، ٻي طرف ايم پي اي تاج محمد ملاح احتجاج واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري نقصان جي ازالي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.