بدين ۾ ايڪتا جا رنگ، ڳوٺ فقير محمد عرس ڪيريو ۽ مڊل اسڪول الهڏنو سومرو ۾ تقريبون

0
81
بدين ۾ ايڪتا جا رنگ، ڳوٺ

بدين (رپورٽر) بدين ۾ ايڪتا جا رنگ نکري پيا. ان ڏس ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل ايڪتا ثقافتي سرگرميون تيز ٿي ويو آهي

  فتح آباد لڳ ڳوٺ فقير محمد عرس ڪيريو ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ميڊيا گروپ جي سڏ تي “سنڌ سان درد جورشتو” جي عنوان ھيٺ  ايڪتا ثقافتي مچ ڪچھري جو شاندار پروگرام ڪرايو ويو

جنھن ۾ علائقي جي معززين، سگھڙن،شاعرن، صحافين ۽ فنڪارن سميت وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن پٽڪا ٻڌي اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پائي شرڪت ڪئي،انھي موقعي تي فنڪارن قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

محفل ۾ نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪري سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو، ثقافتي مچ ڪچھري آرگنائزر غلام نبي ڪيريو، فقير محمد عرس ڪيريو، ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسان محترم علي قاضي جا ٿورائتا آھيون جنھن اسان کي پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء پليٽارم مھيا ڪيو آھي. ھنن چيو ته اسان چار ڊسمبر تي ايڪتا ڏينھن شاندار نموني ملھائينداسين

ٻئي پاسي گورنمينٽ بوائز مڊل اسڪول  الھڏنو سومرو ۾ هڪ رنگارنگي پروگرام منعقد ڪيو ويو، ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي ثقافتي لباس پائي قومي گيتن تي جھمريون ھڻي ٽيبلوز پيش ڪري سڀني کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

انھي موقعي تي گورنمينٽ بوائز مڊل اسڪول جي هيڊ ماستر شمس الدين سومرو،استادن اظھر علي ميمڻ  علي نواز سومرو، ڪامران علي ڀٽي،   شاگردن، گلشير شاھاڻي شمائيلا ۽ ٻين ثقافتي جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو ته محترم علي قاضي صاحب سنڌ جي ثقافت کي ٻيهراجاگر ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي

ان ڪري اسان اڄ پنهنجي اسڪول ۾ ثقافتي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان عيد جيان ملھائي رھيا آھيون ۽ 4ڊسمبر تي به ڀرپور نموني سان ملھائي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪنداسين

ھي به پڙھندا

ٿر ۾ ايڪتا جا رنگ: اسڪول ۾ تقريب، ٽيبلوز پيش، ڳوٺاڻن پاران مچ ڪچهري