بدين ( رپورٽر) بدين ۾ جنرل اليڪشن توڙي مڪاني چونڊون ٿيڻ کي گھڻو عرصو گذرڻ باوجود بدين ضلعي ۾ ھڪ روپئي جو به ترقياتي ڪم نه ٿيو بدين شھر اندر گوڏي جيڏا کڏا پئجي ويا آهن، گاڏين توڙي پيدل ماڻھن جو ھلڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، شھرين جي دانھڻ باوجود آنتظاميه ڪو به نوٽيس نه ورتو، شھر جي مين روڊ قائدآعظم روڊ جي واپارين مجبور ٿي پاڻمرادو روڊ جي کڏن ۾ سرون وجھرائي کڏا ڀرايا آھن، شھرين ۽ واپارين غفور ميمڻ، رمضان ملاح، مجاھد خواجا ۽ ٻين موجب بدين جي چونڊيل نمائندن جي نااھلي ۽ مختلف ادارن جي انتظاميه ۾ ڪرپشن ڪرڻ سبب ڪو به ڪم نه ٿيو آھي سڄي شھر جي روڊن ۾ گوڏي جيترا کڏا پئجي ويا آھن، عوام جو ھلڻ ڦرڻ ۽ ڪاروبار مشڪل ٿي ويو آھي، اسان مجبور ٿي پنھنجي کيسي مان چندو ڪرائي روڊن جي مرمت ڪرائي رھيا آھيون، ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪرپٽ آفيسرن کان ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائي بدين شھر اندر ھنڌان ھنڌان ٽٽل روڊ ٺھرايا وڃن ٻئي صورت ۾ بدين جا شھري ۽ واپاري گڏجي سخت احتجاج ڪندا.