بدين (رپورٽر )بدين لڳ ڳوٺ حسو چانڊيو ۾ چوپائي مال جي ويڪسين ڪرڻ لاءِ پھتل ٻن وٽرنري ڊاڪٽرن تي نامعلوم ماڻھن حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، لٺيون لڳڻ سبب ڊاڪٽرن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ضلعي جي ووٽرنري ڊاڪٽرن جو ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو، ڪيس داخل ڪري حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب وٽرنري ڊاڪٽرن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ايوان صحافت بدين آڏو وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽرن ۽ وٽرنري عملي ڊاڪٽر محمد علي بوهڙ، ڊاڪٽر محمد حسين ٿهيم، ڊاڪٽر اصغر چانگ جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي آرڊر تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد جمن چانڊيو جي حڪم تي ضلعي ۾ چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيمارين جي بچاءَ لاءِ سڄي ضلعي ۾ ويڪسين ڪئي پئي وڃي. انھيءَ حوالي سان ڳوٺ حسو چانڊيو جي مالوند ماڻهن جي چوڻ تي ڊاڪٽرن جي ٽيم جانورن ۾ بيمارين کان بچاءَ لاءِ ڳوٺ ۾ پھچي جانورن کي ويڪسين ڪري رھيا ھئا ته انھيءَ دوران نامعلوم ڳوٺاڻا مڇرجي پيا ۽ ووٽرنري ڊاڪٽرن جي ٽيم تي لٺين سان حملو ڪري جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ وٽرنري ڊاڪٽر عبدالحفيط سومرو ۽ ڊاڪٽر نارائڻ داس کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي پيا. اھڙي رپورٽ بدين ماڊل ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آھي پر بدين پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.