بدين ( رپورٽر ) بدين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ھجڻ خلاف سوشل ورڪر اتحاد پاران ايم سومار ملاح، نور محمد ڀٽي، اسلم ملاح جي اڳواڻي ۾ شھرين ميونسپل ڪاميٽي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جلد واٽر سپلاءِ جون نيون لائنون وڇائي پيئڻ جو پاڻي پهچايو وڃي, ٻئي صورت ۾ انصاف لاءِ ڪورٽ سڳوري جو رخ ڪيو ويندو ۽ گڏوگڏ احتجاجي تحريڪ به جاري رکي ويندي. ميونسپل عملدارن مظاھرين کي خاطري ڪرائي ته  في الحال پراڻي لائن ۾ پاڻي ڏنو ويندو ۽ نئين لائن لڳائڻ لاءِ ٻن ڏينھن اندر کوٽائي شروع ڪئي ويندي. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ڌرڻون ختم ڪيو ويو  مظاھرين موجب جيڪڏهن ھڪ ھفتي اندر پاڻي مهيا نه ڪيو ويو ته ڊي سي آفيس بدين اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.