بدين(رپورٽر ) بدين ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط شروع ٿيندي ئي ايجنٽ مافيا سرگرم غريب حقدار عورتن کان هڪ هزار روپين کان ٻه هزار رپيا وٺڻ جي شرط تي پئسا ڏنا وڃن ٿا مستحق عورتن جون ميڊيا جي پهتل ٽيم اڳيان دانهون، بينظير انڪم سپورٽ جي قسط تان ڊوائيز هولڊرن طرفان غير قانوني ڪٽوتي ڪرڻ اطلاع کان پوءِ پهتل ميڊيا جي ٽيم سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽر تي موجود عورتن زبيده ملاح، نازيا، لالي ٻائي، نوري ۽ ٻين چيو آهي ته هو صبح سوير هتي پهتيون آهن پر هتي ايجنٽ مافيا سرگرم آهن جيڪي عورتن کان رشوت وٺي پوءِ قسط جا پئسا ڏئي رهيا آهن عورتن موجب تہ هن وقت عورتن جا 13500 ته وري ڪنهن جا 30 هزار روپيا آيا آهن جنهن ۾ ٻارڙن جا پئسا شامل آهن عورتن الزام لڳائيندي چيو ته انتظاميا نالي هتي ڪا شئي ناهي صرف ٻه پوليس وارا مقرر ڪيا ويا آهن ۽ انتظاميا جو جوبه ڊپ نه هجڻ ڪري ڊوائيز هولڊرن جي من ماني هلي رهي آهي، حقدار عورتن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ۽ سنڌ جي وڏي وزير، ڊي سي بدين ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته بدين جي سينٽر تي ملندڙ غريب عورتن کان رشوت وٺندڙ ڊوائيز هولڊرن خلاف ڪارروائي ڪري کين آساني سان پئسا ڏئي کين پريشاني کان بچايو وڃي