بدين(رپورٽر) بدين پريس ڪلب تي هڪ مذهبي ڌر ۽ پ پ پ جي حمايتي گروپ جي ھٿياربندن جو حملو زبردستي پريس ڪلب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش بدين پوليس تماشو ڏسندي رھي، پريس ڪلب جو هنگامي اجلاس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاءُ. تفصيل موجب هڪ مذهبي ڌر جي مخالف گروپ جي مينيجر مير طارق ٽالپر پاران بدين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي پئي وئي، جنھن دوران اي گروپ جي ماڻھن پريس ڪلب اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي، مشتعل ماڻھن کي پريس ڪلب جي انتظاميا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھٿياربندن پريس ڪلب تي حملو ڪري ڏنو ۽ ھٿياربندن پريس ڪلب جون ديوارون ٽپي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ھٿياربند سرعام ھٿيار لھرائيندا رھيا ان دوران پريس ڪلب بدين جي صدر شوڪت ميمڻ پاران پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود بدين پوليس روايتي سستي برقرار رکندي دير سان پريس ڪلب پھتي ۽ ھٿياربندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ھوڏانھن بدين پريس ڪلب جو اجلاس صدر شوڪت ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ ملڪ الياس، تنوير احمد آرائين، شڪور ميمڻ، حميد سومرو، مجيد ملاح، انيس ميمڻ، سانول خاصخيلي، خالد عزيز عباسي، اشرف ميمڻ ۽ بين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پريس ڪلب تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي کان مطالبو ڪيو ويو ته پريس ڪلب تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ھٿيار برآمد ڪري مٿن دھشت گردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ واقعي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.
پ پ اڳواڻ پريس ڪلب پهچي ويو: زيادتي جو اعتراف، معافي
بدين: پي پي تعلقي بدين جي جنرل سيڪريٽري ۽ پير محمد صادق قريشي جي مينيجر عبدالرحمان بلوچ پريس ڪلب پھچي پنھنجي ماڻھن طرفان ڪيل زيادتي جو اعتراف ڪيو ۽ معذرت ڪئي ۽ معاملي کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، پر پريس ڪلب انتظاميا کيس جوابدار پوليس حوالي ڪرڻ کان اڳ ڪي به ڳالھيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
|
مخالفن سان ڪوبه معاهدو ناهي ٿيو: مير طارق ٽالپر
بدين: لواري شريف جي پير حسن قادر جي مينيجر مير طارق ٽالپر پنھنجي ساٿين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مخالف سندس حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙي معاھدي جي ڪاپي ڏيکاري اسان طرفان ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، جيڪو سراسر غلط آھي، اسان اھڙو ڪوبه معاھدو نه ڪيو آھي، جنھن ۾ لواري شريف ۾ ڪنھن غير ماڻھو جي سالگرھه ملھائڻ جي اجازت ڏني ھجي.