بدين (ن پ ا) بدين ويجهو ڳوٺ ابراهيم جوڻيجو واسي يعقوب درس پنهنجي برادري سان گڏ ايوان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هنن ٻه سال اڳ غلام مصطفي زرگر ۽ حاجي امين زرگر کان ديھ جهگڙي ۾ 38 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي آهي جنهن تان جوڻيجا برادري جا ماڻهو هر هڪ سوالي جوڻيجو محمد جمن جوڻيجو مير محمد جوڻيجو محمد حسن جوڻيجو انور جوڻيجو ۽ ٻيا سخت ناراض آهن جن طرفان اسان جي زمين جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي ۽ زرعي جي کيڙي به نه ٿا ڪرڻ ڏين ۽ اسان جي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو مون تي حملو ڪري منهنجي آڱر ڀڃي ڇڏي آهي، منهنجي سئوٽ تي تشدد ڪيو ويو اسان کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏنو وڃي ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ بدين پوليس طرفان ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر بااثر ماڻهن طرفان پوليس تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته انهن کي فوري آزاد ڪريو هن چيو ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي بااثر ڪنهن به ٽائيم تي حملو ڪري اسان کي قتل ڪري سگهن ٿا، وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڪن.