بدين(رپورٽر) بدين لڳ ڳوٺ بلو لاشاري ۾ قتل ٿي ويندڙ نوجوان   جي وارثن   ڌڻي بخش لاشاري محمد حنيف لاشاري مسمات آمنا لاشاري  جي اڳواڻي ۾ مردن عورتن ٻارڙن سان گڏ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي اسان جي 5 ايڪڙ زمين تي شاھ محمد لاشاري ۽ ٻيا  قبضو ڪريو ويٺا آهن حصو گهرڻ تان مڇرجي  گذريل 15 ڏينهن اڳ  اسان جي نوجوان. 16 سالا منور لاشاري کي  رياض لاشاري  ابوبڪر لاشاري  شاھ محمد لاشاري مصري لاشاري لائق محمد لاشاري بي گناھ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو اسان جي پهچڻ تي فائرنگ ڪندا ۽ ڌمڪيون ڏيندا نڪري ويا  اهڙو ڪيس ڪڙيو گهنور ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ٻين کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي جيڪي سرعام موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ جيڪي بااثر ماڻهو هن  جن مان اسان کي  جان جو خطرو آهي هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي حيدرآباد سيشن جج بدين ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ٻي دردي سان قتل ٿيندڙ نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ساڻن انصاف ڪيو وڃي.