بدين (رپورٽر) بدين مان نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر خبر موجب بدين شھر جي سول اسپتال واري روڊ ڀرسان گواريا پاڙي مان گذريل ڏينهن گھران نڪري سامان وٺڻ لاءِ ويل 18 سالا انيش ولد بخشو گواريو گهر واپس نه موٽيو، سندس وارثن پنھنجي سڀني مٽن مائٽن کان پڇا ڪئي پر ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو، جنهن کانپوءِ سندس والد بخشو گواريو ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ بعد ايوان صحافت بدين پهچي احتجاج ڪندي چيو ته سندس پٽ گذريل ڏينهن کان اوچتو گم ٿي ويو آهي، جنهن سبب گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، اسان کي خدشو آھي ته کيس اغوا بعد قتل نه ڪيو ويو هجي، هن ايس ايس پي بدين ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.