بدين(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي ھدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي جي زير صدارت ڪاميٽي روم ۾ تعليم متعلق اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ۽ پرائمري کي هدايتون ڏيندي چيو ته نون استادن جي ڀرتي جو فائدو وٺندي بند پيل اسڪول کوليا وڃن ته جيئن اسڪولن ۾ انرولمينٽ وڌائي سگهجي هن چيف مانيٽرنگ آفيسر نثار علي شاهه کي هدايتون ڏيندي چيو ته اسڪولن جي مانيٽرنگ سخت ڪئي وڃي، استادن جي حاضري جي معاملي ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي وڃي، هن چيو ته مسلسل غيرحاضر رهندڙ استادن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان خط جي ڪاپي ڊي سي آفيس کي ڏني وڃي ۽ اهڙي رپورٽ هر مهيني ڏني وڃي، هن چيو ته اسڪول مينجمنٽ ڪميٽي ايس ايم سي فنڊ جا پيسا شاگردن جي امانت آهن، انهن پيسن کي صحيح استعمال ڪيو وڃي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آر ايس يو گل صنوبر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي بدين ۾ 2 ھزار 6 سو 54 اسڪول آهن جنن مان گذريل مالي سال 24-2023ع ۾ 2 ھزار 1 سو 16 اسڪولن ۾ ايس ايم سي فنڊ استعمال ڪيو ويو ، جڏهن ته باقي اسڪول مختلف سببن ڪري ايس ايم سي فنڊ استعمال نه ڪري سگهيا هن چيو ته سب کان وڌيڪ شڪايتون سنڌ بينڪ سان لاڳاپيل اڪائونٽ هولڊر جون آهن سنڌ بينڪ پاران غير ضروري آبجيڪشن سبب فنڊ جي استعمال ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن هن چيو ته تعليمي سال 24-2023ع ۾ شاگردن جي انرولمينٽ 2 لک 49 هزار 9 سو 62 هئي جيڪا هلندڙ تعليمي سال 25-2024ع ۾ 13 هزار 9 سو 35 جي اضافي سان 2 لک 63 هزار 8 سو 97 آهي چيف مانيٽرنگ آفيسر نثار علي شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي بدين جي 2 ھزار 6 سو 54 اسڪولن ۾ 7 هزار استاد ٻارڙن کي تعليم ڏئي رهيا آهن گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري احمد خان زئنور، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري شوڪت علي ملاح، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عارف حسين ميراڻي، ايگزيڪيوٽيو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس اسد منڌرو، اسسٽنٽ ڪمشنر شهيد فاضل راهو وقار ڪلوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو باگو ثناءُ الله صدر، آر ايس يو مجيب الرحمان کٽي، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري دلاور هليو، اي اِي او پرائمري عبدالفتاح جوڻيجو، مانيٽرنگ آفيس مان سڪندر سومرو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا.