پيرولاشاري(رپورٽ: ياسين جوڻيجو) پيرولاشاري جي چئن يوسين ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون، جر کارو ٿي ويو، کوهه به سڪي ويا آهن،  يوسي پيرولاشاري، يوسي اشرف ٿيٻو، يوسي گهڙو ۽ يوسي قاڏي قاضيه جي ميرواهه ڪئنال، مورجهر شاخ، مڇاري شاخ، امام واهه سميت ٻين واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، گذريل 4 مهينن کان پاڻي جي شديد کوٽ سبب چوپايو مال اڃ وگهي تڙپي رهيو آهي، آبادگارن جا پوکيل فصل سڙي تباهه ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ هتان جي آبادگار ۽ مالوند ماڻهن مامون نوحاڻي، رمضان خاصخيلي، امداد حسين شاهه، مير اعجاز احمد ٽالپر، ٻين چيو ته موجوده چيٽ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري اسان کي سورج مکي، توريو، ڪڻڪ جي پوکي تي ڪيل خرچ به ناهي لٿو، ڀاڻ، ٻج ۽ کيڙي جو خرچ به گلي ۾ پئجي ويو آهي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده سيزن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري اسان ڪمند، وونئڻ، جنتر، مڪئي، مرچ ۽ ٻيا فصل  پوکي ناهيون سگهيا، هنن جو چوڻ آهي ته لٿل آبادين جا ريٽ نه هجڻ ۽ نوان فصل نه پوکجڻ سبب اسان ويتر قرضن ۾ وڪوڙجي ويا آهيون، اسان جي ٻچن جو واحد سهارو چوپايو مال هو، اهو به اڃ وگهي تڙپي رهيو آهي ۽ جر جو پاڻي پڻ کارو ٿي ويو آهي، ان کان علاوه کوٽيل کوهن به پاڻي ڇڏي ڏنو آهي، هنن سنڌ حڪومت سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اختياريون نوٽيس وٺي علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڄاڻايل واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.